پاڪستاننڪور خبرون

عوام سليڪشن نه اليڪشن چاهي ٿو، سڀني پارٽين جو متبادل ايم ايم اي آهي: سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته قوم جي خواهش آهي ته چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ٿين، نگران حڪومت کي چونڊن جو مينڊيٽ مليو آهي، ان جي ڪنهن به عمل کي لائيڪ ۽ ڊس لائيڪ جو تاثر نه ملڻ گهرجي. صحافين سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته قوم چاهي ٿي 25 جولاءِ تي اليڪشن ٿئي، سليڪشن نه، چونڊ قانون بلڪل واضح آهن، انهن کان هٽي ڪا به ڳالهه قبول نه ڪئي ويندي. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ بي يقيني واري صورتحال ۾ لڳي رهيو آهي ته ماڻهو هڪ ڏينهن اڳ به پڇندا ته سڀاڻي چونڊون ٿينديون يا نه؟، پ پ، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جو حقيقي متبادل ايم ايم اي آهي، 25 جولاءِ واريون چونڊون نظريي ۽ تهذيبن وچ ۾ ٿينديون.

User Rating: Be the first one !

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close