پاڪستاننڪور خبرون

نواز شريف جو معاملو سياسي نه پر عدالتي آهي: حسن عسڪري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران وڏي وزير ڊاڪٽر حسن عسڪري چيو آهي ته نواز شريف جو معاملو سياسي ناهي، عدالتي آهي، ڪوشش هوندي ته نواز شريف جي واپسي وارو معاملو خيريت سان گذري وڃي ۽ سمورا قانوني تقاضا پورا ٿين. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر حسن عسڪري چيو ته نواز شريف جي آمد کان اڳ ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي سسٽم بڻائڻ جي لاءِ ڪم هلي رهيو آهي. هن چيو ته ڪنهن پارٽي جي خلاف سياسي بنيادن تي ڪارروائيون ناهيون ڪيون وينديون، سمورين پارٽين جي قيادت کي ممڪن سيڪيورٽي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر جي گرفتاري ۾ رنڊڪ وجهندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ هئي پر ان سموري ڪارروائي جو تعلق ڪنهن به چونڊ مهم ۾ رنڊڪ وجهڻ ناهي. ڊاڪٽر حسن عسڪري چيو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري چونڊ مهم پهرين کان وڌيڪ جوش سان جاري آهي جهن دوران ضابطا اخلاق تي عملدرآمد ڪرائڻ هڪ وڏو ڪم آهي. پروفيسر ڊاڪٽر حسن عسڪري وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مسلم ليگ ن جي چونڊ مهم ۾ رنڊڪ وڌي پئي وڃي ته ان سلسلي ۾ ن ليگ نگران حڪومت جي ڳالهه ڪري سگهي ٿي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close