Uncategorized

امام الحق جي سينچري، پاڪستان زمبابوي کي 201 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

بلاوايو(ويب ڊيسڪ) اپنر امام الحق جي سينچري جي ڪري پاڪستان زمبابوي کي پنج هڪ ڏينهن واري ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ 201 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. بلاوايو جي ڪوئنز اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيل ميچ ۾ ميزبان ٽيم جي ڪپتان هيملٽن مساڪدزا ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ته گرين شرٽس مقرر 50 ارورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 308 رنسون بڻايون. اوپننگ بيٽسمين فخر زمان ۽ امام الحق اننگز جو آغاز ڪيو ته ٻنهي بيٽسمينن محتاط انداز اختيار ڪندي شاندار بيٽنگ ڪئي ۽ 113 رنسن جي شرڪت قائم ڪئي. پاڪستان طرفان فخر زمان 60، آصف علي 46، بابر اعظم 30 ۽ شعيب ملڪ 22 رنسون بڻائي آئوٽ ٿيو جڏهن ته امام الحق 128 رنسن سان نمايان رهيو، هن پنهنجي اننگ ۾ 11 چوڪا به هنيا. زمبابوي طرفان ڇتارا ۽ تريپانو ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ زمبابوي جي بيٽنگ مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي جو مظاهو ڪيو ۽ سڄِ ٽيم رڳو 107 رنسون ئي بڻائي سگهي. زمبابوي طرفان رائن مري 32، تريسائي ماڪنڊا 21 ۽ چمو چيپابا 20 رنسون بڻايا نمايان رهيا. پاڪستان طرفان شاداب خان شاندار بالنگ ڪندي چار بيٽسمينن کي پويلين موٽايو جڏهن ته عثمان خان ۽ فهيم اشرف ٻه ٻه جڏهن ته محمد عامر ۽ حسن علي هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي جڏهن ته سيريز جي ٻئين ميچ سومر تي بلاوايو ۾ ئي کيڏي ويندي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close