پاڪستاننڪور خبرون

نواز شريف کي بي ڪلاس الاٽ، مريم کي سهالا بدران اڊيالا جيل ۾ ئي رکيو ويندو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي جيل ۾ بي ڪلاس ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مريم نواز کي سهالا ريسٽ هائوس منتقل نه پيو ڪيو وڃي ۽ کيس اڊيالا جيل ۾ ئي رکيو ويندو. رپورٽن مطابق نواز شريف ۽ مريم نواز کي جيل ۾ رکڻ بابت پلان ۾ 3 ڀيرا تبديلي ڪئي وئي، جنهن بعد نواز شريف کي اڊيالا جيل جي بي ڪلاس ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. جيل مينول مطابق بي ڪلاس ۾ ٽي وي، اخبار ۽ بيڊ جي سهولت ڏني ويندي آهي، جڏهن ته باٿ روم ۽ پنکو به ڏنو ويندو آهي. مريم نواز کي گذريل رات اڊيالا جيل ۾ ئي رکيو ويو ۽ کيس سهالا ريسٽ هائوس منتقل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، کيس عورتن واري سيل  منتقل ڪيو ويو آهي. ميڊيڪل ٽيم نواز شريف ۽ مريم نواز جو چيڪ اپ به ڪيو آهي، جنهن ۾ ميڊيڪل ٽيم ٻنهي کي صحتمند قرار ڏنو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close