پاڪستاننڪور خبرون

نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو اي سي ايل تي رکڻ لاءِ وزيراعظم کي سفارش

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بابت سفارش نگران وزيراعظم کي موڪلي ڇڏي آهي. نگران وفاقي ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس نگران گهرو وزير اعظم خان جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي. نگران گهرو وزير تصديق ڪئي ته ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز جو نالو اي سي ايل تي رکڻ لاءِ سفارشون نگران وزيراعظم جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ کي موڪلي ڇڏيون آهن ۽ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ بابت فيصلو ڪندي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close