انٽرنيشنل

ڊونلڊ ٽرمپ برطانيا جي راڻي کي پريشان ڪري وڌو

لنڊن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ برطانيا جي 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پهتل آهي ۽ لنڊن ۾ ڪوٺايل گارڊ آف آنر واري تقريب ۾ هن برطانيا جي راڻي ايلزبٿ 2 کي پريشان ڪري وڌو. گاڊ آف آنر واري تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ ته پنهنجي ئي ڌن ۾ اڳتي وڌي ويو پر ان جي پويان ايندڙ برطانيا جي راڻي پريشاني جو شڪار ٿي وئي. راڻي ڪڏهن هن پاسي ته ڪڏهن وري هُن پاسي ڦرندي رهي، شايد کيس سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو ته ساڄي پاسي نڪري يا کاٻي پاسي نڪري ۽ ان پريساني جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close