سنڌ جون خبروننڪور خبرون

آر او پلانٽس کي فعال ڪري سنڌ جي عوام کي مٺي پاڻي جي سهولت فراهم ڪئي ويندي: چيف سيڪريٽري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري ميجر رٽائرڊ اعظم سليمان خان جي صدارت ۾ اهم اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪوٺايو ويو. اجلاس ۾ صوبي ۾ لڳايل آر او پلانٽس جي بحالي ۽ نئين آر او پلانٽس لڳائڻ بابت بريفنگ ڏني وئي. اسپيشل انيشئيٽو کاتي ۽ لوڪل گورنمينٽ کاتي کان پبلڪ هيلٿ ۽ ٻين کاتن ۾ منتقل ٿيل منصوبن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. چيف سيڪريٽري سنڌ ميجر رٽائرڊ اعظم سليمان خان چيو ته واٽر ڪميشن جي حڪمن جي روشني ۾ سمورا آر او پلانٽس ۽ ٻين منصوبن کي لاڳاپيل کاتن کي منتقل ڪيو وڃي. هن چيو ته آر او پلانٽس کي فعال ڪري عوام کي مٺي پاڻي جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته آرو پلانٽس جي بحالي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. چيف سيڪريٽري سنڌ ميجر رٽائرڊ اعظم سليمان خان مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ لڳايل آرو پلانٽس جي آپريشن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کي هدايت ڪئي ته مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ لڳل آر او پلانٽس بابت 7 ستن ڏينهن اندر جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي. اجلاس ۾ چيئرمين پلاننگ ايند ڊولپمينٽ بورڊ، سيڪريٽري توانائي، سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ٻين شرڪت ڪئي

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close