سنڌ جون خبروننڪور خبرون

بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ايماندار صوبائي ڪابينا جوڙي ويندي: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ايماندار صوبائي ڪابينا جوڙي ويندي. مزار قائد تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ملڪ خاص طور تي سنڌ جي عوام کي جشن آزادي جي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته سنڌ جي عوام هڪ دفعو ٻيهر ڳرو مئنڊيٽ ڏئي اسان تي ڳري ذميواري رکي آهي. هن چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ايماندار ڪابينا جوڙي ويندي. سندس چوڻ هو ته پ پ ٻن سالن دوران ڪراچي جون روشنيون واپس آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته مسلم ليگ ن 25 ارب رپيه ته پري جي ڳالهه ڪئي آهي 25 رپيه به خرچ نه ڪيا آهن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close