پاڪستاننڪور خبرون

خوشحالي، امن ۽ برابري لاءِ مشڪل ۽ ڊگهو سفر ٻيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي 71هين جشن آزادي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هر پاڪستاني اڄ آزادي جو جشن ملهائي رهيو آهي، خوشحالي، امن ۽ برابري لاءِ مشڪل ۽ ڊگهو سفر ٻيو آهي پر هاڻي عوام گڏجي پاڪستان جو جشن ملهائي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نئين پارليامينٽ ۾ نوجوان ۽ غريب طبقي جو نمائندو آهيان، نئين حڪومت مان اميد آهي ته اها قوم جي اميدن تي پورو لهندي. هن چيو ته پارليامينٽ جي بالادستي ۽ جمهوريت جي سربلندي لاءِ اسان جون قربانيون رائيگان نه وينديون، آئون پنهنجي ووٽرن جا ٿورا مڃيان ٿو، پارليامينٽ ۾ نوجوانن ۽ غريب طبقي جي نمائندگي ڪندس، انهن جا حق حاصل ڪرڻ ۽ مسئلن جي حل لاءِ آواز بلند ڪندس، نئين حڪومت ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ قانونسازي ڪري، پيپلزپارٽي تعاون ڪندي، عوام جي حقن خلاف ۽ مسئلا حل نه ڪرڻ تي پيپلزپارٽي ڀرپور طريقي سان اسيمبلي ۾ آواز اٿاريندي. هن چيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ جي نوجوانن جو نمائندو آهيان، اميد آهي ته عمران خان ۽ تحريڪ انصاف نوجوانن لاءِ روزگار جي فراهمي ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪيل واعدا پورا ڪندي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close