رانديون

سنيل گواسڪر کانپوءِ ڪپيل ديو امڪاني وزيراعظم عمران خان جي قسم کڻڻ جي تقريب ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي

ممبئي (م ڊ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سنيل گواسڪر کانپوءِ ڪپيل ديو امڪاني وزيراعظم عمران خان جي قسم کڻڻ جي تقريب ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي ٽي وي اي بي پي نيوز سان ڳالهائيندي ڪپيل ديو چيو ته مان ذاتي مصروفيتن سبب عمران خان جي قسم کڻڻ جي تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهندس. هن چيو ته  دعوت نامو رد ڪرڻ وارو لفظ مناسب ناهي، عمران خان طرفان گهرائڻ تي مان سندس ٿورائتو آهيان، ڪجهه ذاتي نوعيت جي ڪمن سبب مان سندس قسم کڻڻ جي تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهندس. ٻئي طرف نوجت سنگهه سڌو عمران خان جي قسم کڻڻ جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پرعزم آهي ۽ هن پاڪستاني هاءِ ڪميشن سان رابطو به ڪيو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close