پاڪستاننڪور خبرون

شهباز شريف جو نگران وزيراعظم کي خط، نواز شريف سان توهين جوڳو ورتاءُ ڪرڻ جي مذمت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف نگران وزيراعظم کي خط لکي نواز شريف سان توهين جوڳو ورتاءُ ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف نگران وزيراعظم ناصر الملڪ کي خط لکي نواز شريف کي نيب عدالت وٺي وڃڻ جي طريقي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. شهباز شريف چيو ته نواز شريف جي نيب عدالت ۾ پيشي دوران شديد توهين جوڳو ۽ غير انساني رويو اختيار ڪيو ويو، نواز شريف کي بڪتر بند گاڏي ۾ اهڙي طرح نيو ويو جيئن دهشتگرد يا وري ڏوهاري کي وٺي ويندو آهي. شهباز شريف چيو ته ٽي ڀيرا وزيراعظم سان اهڙو رويو ذاتيات تي ٻڌل ۽ نامناسب ذهن جي عڪاسي آهي، سندس خلاف اهڙي نامناسب رويي کي فوري طور روڪيو وڃي. شهباز شريف نگران وزيراعظم کان نواز شريف سان رکيل رويي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته نواز شريف هڪ سياسي قيدي آهي جنهن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام ناهي. هن چيو ته نواز شريف سي پيڪ جهڙن منصوبن کي متعارف ڪرايو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close