پاڪستاننڪور خبرون

قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر لاءِ خورشيد شاهه نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر لاءِ تحريڪ انصاف طرفان اسد قيصر ۽ هم خيال پارٽين جي اميدوار خورشيد شاهه نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. تحريڪ انصاف طرفان اسپيڪر لاءِ اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ قاسم سوري پنهنجا نامزدگي ڪاغذ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايا ويا آهن. پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه پارٽي اڳواڻن سان گڏجي پارليامينٽ هائوس پهتو ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. سيڪريٽري خورشيد شاهه جا نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا ۽ ٻنهي وچ ۾ دلچسپ مقالمو ٿيو. سيڪريٽري چيو ته توهان جي اچڻ کان اڳ اسان بنا مقابلي چونڊ جو طريقو ڏسي رهيا هئاسين جنهن تي خورشيد شاهه مسڪرائيندي چيو ته اها ته منهنجي خلاف سازش هئي. اسپيڪر لاءِ خورشيد شاهه جي تائيد ڪندڙن ۾ سندس پراڻو دوست نويد قمر، رميش لعل، شازيه ثوبيه، مسرت مهيسر ۽ شاهده رحماني شامل آهن. اسپيڪرشپ لاءِ پي ٽي آءِ جي اسد قيصر ۽ خورشيد شاهه ۾ چوٽيءَ جي مقابلي جو امڪان آهي. ان موقعي تي خورشيد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان 25 سالن کان پارليامينٽ ۾ آهيان، جيترا ميمبر اچي رهيا آهن سڀني سان سٺا لاڳاپا آهن. هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا، پ پ هميشه جمهوريت جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close