پاڪستاننڪور خبرون

پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي خوابن جي تعبير ٿيندو: عمران خان

 

بني گالا (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن اتحاد جو دامن برقرار رکيو ته پنهنجي منزل حاصل ڪري وٺنداسين، پاڪستان قائد ۽ اقبال جي خوابن جي تعبير ٿيندو. 71 هين آزادي جي جشن تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته هن جشن آزادي تي منهنجي دل ۾ اميد جو هڪ عظيم چراغ روشن ٿيو آهي، اقربا پروري ۽ بدعنواني سبب ملڪي معيشت کي سنگين بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته مون کي پڪ آهي ته جيڪڏهن اسان اتحاد جو دامن برقرار رکيو ته پنهنجي منزل حاصل ڪري وٺنداسين ۽ پاڪستان قائد ۽ اقبال جي خوابن جي تعبير ٿيندو.  هڪ ٻئي تصوير ۾ عمران خان 1932ع ۾ لنڊن ۾ ٿيل گول ميز ڪانفرنس جي تاريخي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته  گول ميز ڪانفرنس جي تاريخي تصوير ۾ قائد اعظم ۽ علامه اقبال سان گڏ منهنجو ماسڻ ڊاڪٽر جهانگير خان ۽ منهنجي امڙ جو چاچو زمان خان به ڏسي سگهن ٿا.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close