پاڪستاننڪور خبرون

ڪشميرين جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان، ملڪي قسمت جا فيصلا ووٽ جي پرچي سان ٿيندا: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جي قسمت جا فيصلا ووٽ جي پرچي سان ٿيندا، پاڪستان جا نمائندا اهي ئي ٿي سگهن ٿا جن کي ووٽر نمائندگي جي سند ڏين. جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ جشن آزاديءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته  پاڪستان انهن تصورن جي مجسم تصوير آهي جنهن جي آغوش ۾ اسان هر لمحي آزادي جو مذو وٺندا آهيون، آزادي جي ڏهاڙي تي سائو جهنڊو وڌيڪ ڦڙڪائڻ جو چاهه وڌي ويندو آهي.  هن چيو ته آزادي جي جشن ۽ عام چونڊن ۾ پيغام لڪيل آهي، هي ڏينهن ياد ڪرائي ٿو ته ملڪي قسمت جا فيصلا ووٽ جي پرچي سان ٿيندا، پاڪستان جا نمائندا اهي ئي ٿي سگهن ٿا جن کي ووٽر نمائندگي جي سند ڏين، دعا آهي ته پاڪستان جي خدمت ڪندڙن کي آسانيون ملي سگهن. صدر ممنون حسين چيو ته نئون نسل وطن سان محبت، تعمير ۽ ترقي جي مخلصاڻين خواهشن سان مالا مال آهي، اسان اڃا مڪمل طور منزل تي نه پهچي سگهيا آهيون، اهڙين رنڊڪن تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن سبب مسئلن کي منهن ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان کي سياسي ۽ سماجي ڏکيائين مان ڪڍڻ لاءِ هڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جي اجتماعي فيصلن لاءِ ادارن کي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته  جشن آزاديءَ تي فرزندان ڪشمير جي قربانين کي ياد رکون ٿا، پاڪستان ڪشميرين لاءِ سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. صدر ممنون حسين چيو ته گڏيل قومون ڪشميرين کي حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close