
سنڌ جون خبروننڪور خبرون
جمهوري نظام هلڻ سان ئي مضبوط ٿيندو: آغا سراج دراني
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته جمهوري نظام هلڻ سان ئي مضبوط ٿيندو. صحافين سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني جو چوڻ هو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ سٺي طريقي سان ٿي، ان سان جمهوري عمل اڳتي وڌندو. هن چيو ته اسيمبلي ۾ سمورن قانونن کي فالو ڪيو ويو، سلسلو اڳتي به جاري رهندو، جن کي سڀاڻي پاس جاري ٿيندا، اهي ئي اچي سگهندا. آغا سراج دراني چيو ته ايوان قانون موجب ئي هلندو، ايوان جي ڪارروائي ڳجهي نٿي ٿي سگهي، هر ڳالهه رڪارڊ تي هوندي آهي.