Uncategorized

سنڌ جي 27 هين وڏي وزير جي چونڊ اڄ، مراد علي شاهه ۽ شهريار مهر ۾ مقابلو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ 27 هين سنڌ جي وڏي وزير جي چونڊ سڀاڻي 16 آگسٽ تي ٿيندي، سيد مراد علي شاهه ۽ شهريار مهر وچ ۾ مقابلو ٿيندو، تحريڪ لبيڪ پ پ يا اپوزيشن جي اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وڏي وزير جي چونڊ ڳجهي ڳڻپ سان ڪئي ويندي. سنڌ جي 27 هين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ ميدان مچي ويو، سنڌ اسيمبلي جي اڪثريتي پارٽي پ پ مراد علي شاهه کي نامزد ڪيو آهي، جڏهن ته مخالف پارٽين ف ليگ جي شهريار مهر کي مراد علي شاهه جي مقابلي ۾ ميدان ۾ لاٿو آهي. چونڊ اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ ڳجهي ڳڻپ ذريعي ڪئي ويندي ۽ نئون چونڊيل سنڌ جو وڏو وزير ساڳي ڏينهن پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close