پاڪستاننڪور خبرون

ملڪ ۾ جمهوريت جي تسلسل سان نئون ترقياتي عمل شروع ٿيندو: صادق سنجراڻي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي تسلسل سان نئون ترقياتي عمل شروع ٿيندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان کي پنهنجي پاڻ احتساب واري عمل تحت ماضي جي غلطين ۽ ڪوتاهين کي نظر ۾ رکي انهن ڳالهين جو جائزو وٺڻو پوندو، جن جي ڪري اسان ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ پوئتي رهجي ويا آهيون، اسان کي گڏجي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان جا پاڻ ۾ اختلاف قومي ترقي جي سفر ۾ جمود جو سبب نه بڻجن ۽ اسان کي سياسي اختلاف پاسي تي رکي گڏيل قدم کڻڻ گهرجن. محمد صادق سنجراڻي چيو ته اسان کي پنهنجون سموريون توانايون پاڪستان جي خوشحالي تي صرف ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته سموري قوم ڄاڻي ٿي ته گذريل ڪجهه سالن دوران پاڪستان تي علائقائي ۽ عالمي حالتن جا وڏا اثر پيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ نه رڳو امن جا مسئلا پيدا ٿيا پر اقتصادي مسئلا به ڏسڻ ۾ آيا، پاڪستان جي حڪومت پاڪ وطن جي مختلف علائقن ۽ شهرن کي بدامني، دهشتگردي ۽ شدت پسندي کان پاڪ ڪرڻ لاءِ مڪمل سياسي عزم سان پاڪستاني فوج ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي قدم کنيا جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ امن بحال ٿي رهيو آهي

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close