Uncategorized

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان حڪومت ۾ وزارتن بابت اهم فيصلا ڪري ورتا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزارت عظميٰ جي مضبوط اميدوار ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ايندڙ حڪومت ۾ وزارتن بابت اهم فيصلا ڪري ورتا آهن. وفاقي ڪابينا 20 آگسٽ تي حلف کڻندي، ان حوالي سان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي مشاورت حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ وزارتن بابت اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب عبدالرزاق دائود کي وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار ۽ بابر اعواڻ کي قانون بابت صلاحڪار بڻائي سگهجي ٿو، عمران خان گهرو وزارت جو قلمدان في الحال پاڻ وٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شاهه محمود قريشي کي پرڏيهي وزارت جو قلمدان ڏنو ويندو، دفاعي وزارت لاءِ پرويز خٽڪ ۽ ناڻي واري وزارت لاءِ اسد عمر جا نالا غور هيٺ آهن. سڌ سماءَ واري وزارت لاءِ فواد چوڌري مضبوط اميدوار سمجهيو پيو وڃي، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جو اڃان تائين فيصلو نه ٿيو. ياد رهي ته پاڪستا جي اڻويهين وزيراعظم جي چونڊ 17 آگسٽ تي ٿيندي ۽ وزارت عظميٰ لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان عمران خان ۽ مسلم ليگ ن طرفان شهباز شريف ميدان ۾ آهن

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close