پاڪستاننڪور خبرون

جنهن پارٽي کي عوام جيڪو مينڊيٽ ڏنو آهي اسان ان جو ڀرپور احترام ڪنداسين: اسد قيصر

اسلام آباد (بيورورپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته جنهن پارٽي کي عوام جيڪو مينڊيٽ ڏنو آهي اسان ان جو ڀرپور احترام ڪنداسين ۽ ايوان جي ڪارروائي قاعدي ۽ قانون موجب هلائينداسين، نيت صاف هجي ته منزل آسان هوندي آهي، اسان قانونسازي ذريعي پاڪستان جي تعمير ۽ ادارن کي مستحڪم بڻائڻ تي يقين رکون ٿا، پارليامينٽ کي هر لحاظ کان مستحڪم بڻائينداسين. اسپيڪر چونڊجڻ کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ۾ پنهنجي پهرين پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته الله جو ٿورائتو آهيان جنهن اها عزت ڏني آهي، ان کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي ان قابل سمجهيو ۽ مون کي اها ذميواري ڏني، منهنجي ڪوشش هوندي ته ان عهدي جي گهرجون پوريون ڪري سگهان. هن چيو ته ملڪ جي مسئلن جي حل لاءِ قانونسازي ڪنداسين. هن چيو ته ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اسپيڪر طور سندس 5 سالن جي دور ۾ 170 بل منظور ٿيا، ان ۾ عالمي معيار جي قانونسازي به شامل آهي، اسان ويلفيئر اسٽيٽ طرف مثبت قدم کڻڻ جي لاءِ قانونسازي ڪئي، اسان جي ايجنڊا نئون پاڪستان آهي، اسان اهڙي قانونسازي چاهيون ٿا جنهن سان عوام کي رليف ملي ۽ ادارا مستحڪم ٿين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ پڻ اسان جو مينڊيٽ ايترو وڏو نه هو، قومي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مخالف ڌر پارٽين کي مشاورت ذريعي گڏ کڻي هلنداسين. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اسان قومي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا، سمورو نظام قاعدي ۽ قانون موجب هلائينداسين، نيت صاف هجي ته منزل آسان ٿي وڃي ٿي، اسان ادارن کي مضبوط ڪرڻ تي يقين رکون ٿا، پارليامينٽ کي هر لحاظ کان مستحڪم ۽ باوقار بڻائينداسين. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان فيصلو ڪيو آهي ته هو وزيراعظم طور اسيمبلي ۾ وزيراعظم طور هڪ ڪلاڪ مخصوص ڪندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسيمبلي ۾ جنهن جنهن پارٽي کي عوام مينڊيٽ ڏنو آهي ان جو احترام ڪنداسين ۽ سڀني کي ان جو حق ملند

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close