پاڪستاننڪور خبرون

سيمنٽ فيڪٽري مالڪ هڪ مهيني ۾ پاڻي جي قيمت ادا ڪن يا فيڪٽريون بند ڪن: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورورپورٽ) سيمنٽ فيڪٽري ۾ پاڻي جي مفت استعمال ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار سڀاڻي بيسٽ وي سيمينٽ جي سربراهه ۽ اعليٰ انتظاميه کي طلب ڪندي رمارڪس ڏيندي چيو ته لڳي ٿو ته سيمينٽ فيڪٽري وارا وڏا ماڻهو آهن، 2 سيمنٽ فيڪٽرين کي سڀاڻي 20، 20 ڪروڙ رپيه جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏينداسين، هڪ مهيني ۾ پاڻي جي قيمت ادا ڪن يا وري فيڪٽريون بند ڪري ڇڏينداسين. سيمنٽ فيڪٽرين ۾ پاڻي مفت استعمال ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار سپريم ڪورٽ ۾ ڪئي.  چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سيمنٽ فيڪٽريون هزارين ڪيوسڪ پاڻي استعمال ڪري چڪيون آهن ۽ فيڪٽرين پاڻي عيوض هڪ ٽڪو به اڃا تائين ادا نه ڪيو آهي، سيمنٽ فيڪٽريون پنهنجي متبادل پاڻي جو بندوبست ڪن، چڪوال ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، سيمنٽ فيڪٽرين وارا سنڌ مان پاڻي آڻين يا وري برسات جو پاڻي جمع ڪن، يا وري سيمنٽ فيڪٽري ڪنهن ٻئي هنڌ لڳائي وڃي، اسان کي پاڻي جي قيمت طئي ڪرڻ جو طريقو ٺاهڻ جو چيو جيڪو نه ٺاهيو ويو آهي، مسلسل عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. چيف جستس رمارڪس ڏيندي چيو ته لڳي ٿو ته سيمينٽ فيڪٽري وارا وڏا ماڻهو آهن، روزاني خبر ناهي ڪيترا ڪيوسڪ پاڻي استعمال ٿئي ٿو؟ هن چيو ته بيسٽ وي سيمنٽ اربين رپين جو پاڻي مفت استعمال ڪري رهي اهي، ٻن سيمنٽ فيڪٽرين کي سڀاڻي 20، 20 لک رپيه جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏينداسين، هڪ مهيني ۾ پاڻي جي قيمت ادا ڪيو يا فيڪٽريون بند ڪري ڇڏينداسين. چيف جسٽس چيو ته عدالت سان سهڪار نه ٿو ڪيو وڃي، سيمنٽ فيڪٽرين وارن سان مقامي انتظاميه مليل آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close