پاڪستاننڪور خبرون

مخالف ڌر چاهي ٿي ته نواز شريف ۽ زرداري خلاف ڪيس بند ڪرڻ ممڪن ناهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورورپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته مخالف ڌر سان جو ڪو جهيڙو نه آهي، مخالف ڌر چاهي ٿي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري جي خلاف ڪيس بند ڪيا وڃن ائين ممڪن ناهي، اهي ڪيس سپريم ڪورٽ، احتساب عدالت ۽ ايف آءِ اي ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف ڌر پاران چيو پيو وڃي ته ڪيس بند ڪيا وڃن، اسان ڪيئن ڪيس بند ڪرائي سگهون ٿا. هن چيو ته لنڊن ۾ نواز شريف جي 3 هزار ڪروڙن جي پراپرٽي آهي، ڪيئن نواز شريف کي معاف ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته نواز شريف ۽ زرداري خلاف ڪيس سپريم ڪورٽ، نيب ۽ ايف آءِ اي ۾ هلي رهيا آهن، اسان انهن کي ڪيئن بند ڪري ڇڏيون، اهو اسان جي اختيار ۾ نه آهي، مخالف ڌر جو اهو ئي جهيڙو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close