پاڪستاننڪور خبرون

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فريال ۽ ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 4 سيپٽمبر تائين واڌ

ڪراچي(رپورٽر) 35 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ۾ بئنڪنگ ڪورٽ فريال ٽالپر ۽ ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 4 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته حسين لوائي ۽ طحا رضا جي  ضمانت واري درخواست تي فيصلو 18 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. 35 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر عدالت ۾ پيش ٿي ۽ هن عبوري ضمانت ۾ واڌ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي. عدالت فريال ٽالپر ۽ ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 4 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. ايف آءِ اي اختيارين موقف اختيار ڪيو ته ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين کي مفرور قرار ڏنو ويو آهي، گرفتار جوابدارن  حسين لوائي ۽ طحا رضا کي عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ تي ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪئي وئي جنهن تي فريال ٽالپر حاضري لڳائي بئنڪنگ ڪورٽ مان رواني ٿي وئي.  وقفي کانپوءِ نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته جوابدار حسين لوائي، طحا رضا ۽ ايف آءِ اي جو جاچ آفيسر پيش نه ٿيا.  ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته جاچ آفيسر انور مجيد ۽ غني مجيد جي ڪسٽڊي حاصل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ آهن سندن ڪيس جي اڳڀرائي حاصل ڪرڻي آهي، رپورٽ کانپوءِ دليل ڏيڻ ممڪن ناهي. بئنڪنگ ڪورٽ حسين لوائي ۽ طحا رضا جي ضمانت جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو ۽ پراسيڪيوٽر کي هدايت ڪئي ته 18 آگسٽ تي دليل نه ڏنا ويا ته فيصلو ٻڌو ويندو ۽ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 18 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close