پاڪستاننڪور خبرون

نااهل شخص جهاز ۾ اسيمبلي ميمبرن کي آڻي هارس ٽريڊنگ ڪري رهيو آهي: سعد رفيق

لاهور (م ڊ) مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته نااهل شخص جهاز ۾ اسيمبلي ميمبرن کي آڻي رهيو آهي،  اسان جي ماڻهن کي فون ڪري کين ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪومت ۽ عهديدارن جي سليڪشن هارس ٽريڊنگ ذريعي ڪئي پئي وڃي. پنجاب اسيمبلي آمد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته ڪراچيءَ ۾ تحريڪ انصاف جي ايم پي اي شهري تي تشدد ڪيو پر قانون ڪارروائي نه ڪئي، پهريون مارڪٽ ڪيو پوءِ دٻاءُ وجهو ته ٺاهه ڪيو. هن چيو ته  پنجاب ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ نه ٺهي رهيو آهي، اڃا وزيراعظم نه ٿيو آهي ۽ 25، 25 ماڻهو گڏ هلي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ڏسنداسين ته ڪهڙي ڪهڙي گورنر هائوس جون ڀتيون ڪرنديون، ڏسنداسين ته ڪهڙو ڪهڙو گهر استعمال نه ٿو ڪيو وڃي. خواجه سعد رفيق چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي وزيراعظم هائوس تائين پهتو آهي گهڻي دير تائين هلي نه سگهندو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close