سنڌ جون خبرون

“ پگهارون ڏيو” ڪوٽڏيجي ٽائون ڪميٽي ملازمن جو خيرپور ۾ احتجاج

خيرپور (رپورٽ: شاهد ڀٽي)خيرپور ۾ آڊٽ آفيسر جي ڪرپشن ۽ 7 مھينن کان پگھارن جي بلن تي صحيون نه ڪرڻ خلاف ٽائون ڪميٽي ڪوٽڏيجي جي ملازمن پاران پنهنجي هٿن ۾ ٻهارا کڻي آڊٽ آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي. احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي واحد بخش، مسمات صفيه خاتون، نواب خان، آفتاب، مزمل شاهه ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. احتجاجين صحافين اڳيان دانهيندي الزام مڙهيو ته آڊٽ آفيسر پرويز سولنگي ۽ وسيم ڦلپوٽي ڪرپشن جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي ھر مھيني پگھارن جي بلن تي صحيون ڪرڻ لاء لکين رپيا رشوت وٺي رهيا آهن، چيئرمين پاران رشوت نه ڏيڻ تان اسان غريبن جي پگھارن واري بل تي صحيح نه پئي ڪئي وڃي جنهن ڪري اسان جون گذريل7  مھينن کان پگهارون بند آهن پگهارون نه ملڻ ڪري اسان قرضي ٿي ويا آهيون اسان جي ٻارڙن کي اسڪول انتظاميه فيس ادا نه ٿيڻ سبب اسڪولن مان ڪڍي ڇڏيو آهي کاڌي پيتي جون شيون ناهن دڪاندار هينئر اوڌر تي سودو به نه پيا ڏين مٿان وري عيد به ويجهو اچي وئي آهي اسان پنهنجي ٻچڙن کي عيد جا ڪپڙا به نه وٺي ڏئي سگهيا آهيون. هنن چيو ته آڊٽ آفيسر پرويز سولنگي اسان کي مختلف حربن سان تنگ ڪري رهيو آهي کيس سروس بڪ ڏيکارڻ سان گڏ سڄو رڪارڊ ڏيکاريون ٿا پر ان جي باوجود اسان کي چوي ٿو ته چيئرمين کي سلام ڏيو. هنن چيو ته اسان مشرف جي دور کان ڀرتي ٿيل آهيون انهيءَ ساڳي آڊٽ آفيسر جون صحيون ٿيل آهن اسان جي سروس بڪن تي هاڻي رشوت جا پيسا نه ملڻ ڪري اسان کي طرح طرح سان تنگ ڪري رهيو آهي. هنن وس وارين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ آڊٽ آفيسر پرويز سولنگي کي فوري طور تي هٽائي سندس خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ اسان کي ماهوار پگهارون ڏياريون وڃن ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاجي سلسلو جاري رهندو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close