سنڌ جون خبرون

گڏاپ ۽ ڀرپاسي ۾منشيات جي واهپي ۾واڌ، نوجوان نسل تباهه، ڳوٺاڻن جو احتجاج

گڏاپ (نمائندو) ملير جي علائقي  گهگهر ۾  منشيات جو وڪرو ۽ واهپو وڌي ويو ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا غائب، گهگهر جي گهٽين بازارن چونڪن تي سرعام چرس جو وڪرو عام جام ، معاشرو سماجي براين جي ۾  باھ طرف تيزي سان وڌڻ لڳو ، منشيات فروشي خلاف آواز اٿارٻ تي سماجي اڳواڻن مٿان حملا ، ڳوٺاڻن جو احتجاج ، فائرنگ جي واقعي ۾ ملوث ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري منشيات فروشي جو خاتمو ڪيو وڃي  ،ڳوٺاڻن جو مطالبو اسان منشيات فروشي کي ٻنجو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي  ته منشيات فروشن مڇرجي مون مٿان فائرنگ ڪري  ڌمڪيون ڏئي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، سليم ڪلمتي،  تفصيل موجب ملير جو  علائقو بدامني ۽ منشيات فروشي جي ور چڙهي ويو آهي گذريل ڏينهن گهگهر جي رهواسين سليم ڪلمتي، محمد امین، حاجي نواز علي، حاجي اڪبر، ميوا خان، حاجي امير علي، صحافي محمد خان ڪلمتي، نور حسن قيصراڻي، نور محمد مري ۽ ٻين يونين ڪائونسل چنڊ پارو آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته گهگهر جي هر گهٽي چوڪ هر پاڙي ۾ چرس جو وڪرو عام  آهي جنهن خلاف حد جي پوليس جي نظر نٿي پوي، جڏهن ته گهگهر اندر منشيات فروشن جو هڪ وڏو گروهه پکڙيل آهي ۽ هر هنڌ عام زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ شين جيان چرس آساني سان وڪرو پيو ٿئي جنهن سبب نوجوان نسل نشي طرف تيزي سان راغب ٿي رهيو آهي ۽ منشيات فروش ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ گهگهر جي صابو ڳوٺ جي رهائشي محمد سليم ولد عزيز ڪلمتي جو چوڻ هو ته اسان ڪيترائي ڀيرا راڄوڻي طريقي سان منشيات فروشن وٽ هلي وڃي اهڙي ڪڌي عمل کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر طاقت جي نشي ۾ ڌت منشيات فروشن مڇرجي مون مٿان فائرنگ ڪري ڏني ۽ موت مار ڌمڪيون ڏئي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته فائرنگ ڪندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪري منشيات فروشي جو خاتمو ڪيو وڃي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close