سنڌ جون خبروننڪور خبرون

اميد ته عمران خان سنڌ کي نواز شريف ۽ آصف زرداري جيان نظرانداز نه ڪندو: اياز لطيف

 حيدرآباد (ڊ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي عمران خان کي وزيراعظم ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم عمران خان سنڌ کي نواز شريف ۽ آصف زرداري جيئن نظرانداز نه ڪندو ۽ ڪرپشن جي ڪالوني بڻجڻ نه ڏيندو. هن چيو ته ڪرپشن، اقرباپروري، دهشتگردي ملڪ جا وڏا مسئلا آهن، جنهنڪري پاڪستان کي سوشل ويلفيئر اسٽيٽ بڻائڻ وارو خواب ساڀيان نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن آزاد ۽ خودمختيار پاليسيون جوڙڻ بدران عالمي هدايتن تي عمل ڪيو، جنهنڪري اسان جي معيشت تباهه آهي، معصوم زندگيون ۽ عبادتگاهون دهشتگردن جي نشاني تي رهيون آهن، لوڊشيڊنگ، بک، بدحالي، بيروزگاري جو خاتمو چئلينج بڻيل آهي. هن چيو ته ملڪ جو هاري، مزدور ۽ غريب عوام سڀ کان وڌيڪ بدحال آهي، هر وفاقي حڪومت سنڌ کي ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪالوني بڻائي نظرانداز ڪيو آهي، پي آءِ اي، پورٽ شپنگ، ريلوي، واپڊا، فيڊرل سروس ڪميشن، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ ٻين وفاقي ادارن ۾ سنڌ جي نوجوانن نوڪرين جا در بند رکيا ويا آهن. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ وٽ تيل، گئس، بندرگاهون ۽ ٻيا وسيلا هجڻ باوجود ترقي جا وڏا منصوبا پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ جوڙيا ويا آهن، وفاقي کاتن ۾ نوڪرين جا موقعا به پنجاب ۽ ٻين صوبن جي نوجوانن لاءِ وڌيڪ آهن، پيپلز پارٽي، نواز شريف حڪومت به سنڌ جي نوجوانن لاءِ وفاقي ادارن ۾ نوڪرين جا دروازا بند رکيا، جنهنڪري سنڌ محروم آهي، رستا کنڊر آهن، تعليم تباهه آهي، اسپتالن ۾ علاج ناهي، پاڻي نه ملڻ ڪري فصل سڙي رهيا آهن. جيڪو موجود پاڻي آهي، اهو حڪومتي وزير غير قانوني واٽر ڪورسن ذريعي چوري ڪري وڃن ٿا. هن چيو ته ارسا سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيارڻ ۾ ناڪام ويو آهي، سنڌ پاڻي کوٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿئي ٿي، ڌاڙيل واهن ذريعي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هنيا وڃن ٿا، انهن ڌاڙيلن منصوبن کي بند ڪيو وڃي، سنڌو تي ڌاڙا هڻڻ بند ڪيا وڃن، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏياريو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ مان گئس نڪري ٿي پر سنڌ ۾ ڪروڙين ماڻهن کي گئس سهولت ناهي، سنڌ بجلي پئدا ڪري ٿي پر شهر ۽ ڳوٺن اونداهن ۾ آهن، سنڌ جي وسيلن جي رائلٽي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خرچ ٿيڻ بدران ڪرپٽ حڪمران هڙپ ڪري وڃن ٿا، سنڌ ۾ زمينن تي قبضن لاءِ ننڍن ۽ مخالف آبادگارن کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي، ڪڻڪ، ڪمند، سارين سميت هر لهندڙ فصل جا اگهه ڪئي هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو ويو آهي، انهي سنڌ جي تباهه ڪيل زراعت جي بحالي لاءِ ڀاڻ، ٻج، زرعي دوائون، ٽريڪٽر ۽ زرعي اوزار سستا ڪري زرعي پيڪيج ڏنو وڃي، ڊگهي لوڊشيڊنگ جي عذاب مان جان ڇڏائڻ لاءِ سولر سسٽم، يوپي ايس سستو ڪري ٽيڪس ختم ڪيو وڃي، بجلي کي سستو ڪيو وڃي، سنڌ جي پٺتي پيل علائقن اڇڙو ٿر، ٿرپارڪر، ڪوهستان، ڪاڇو، عمرڪوٽ، بدين، سانگهڙ ۽ ٻين علائقن لاءِ پئڪيج ڏنو وڃي، سنڌ ۽ پاڪستان ۾ غريب هارين، مزدورن، اقليتن، بيواهن ۽ نابالغ يتيم ۽ معذورن کي ميڊيڪل ۽ خوراڪ جا ڪارڊ جاري ڪيا وڃن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close