پاڪستاننڪور خبرون

تخت لاهور به ن ليگ کان کسجي ويو، سردار عثمان بوزدار پنجاب جو نئون وڏو وزير چونجي ويو

لاهور (مانيترنگ) تخت لاهور به مسلم ليگ ن کان کسجي ويو آهي، تحريڪ انصاف جو سردار عثمان بوزدار پنجاب جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو آهي. پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبرن ڳجهي راءِ شماري بدران ٻن واضح حصن ۾ ورهائجي نئين قائد ايوان جي چونڊ ڪئي ، ميمبر ٻن الڳ الڳ دروازن کان ايوان ۾ داخل ٿي پنهنجي اميدوار کي ووٽ ڪاسٽ ڪيو. دروازي تي ئي ميمبرن جي ڳڻپ ڪئي وئي. ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ اعلان ڪيو ويو ته سردار عثمان بوزدار 186 ووٽ کڻي پنجاب جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو آهي جڏهن ته حمزا شهباز شريف کي 159 ووٽ ملي سگهيا. تحريڪ انصاف پنجاب اسيمبلي جي 119 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، 29 ميمبرن تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيا، عورتن جي مخصوص 33 ۽ اقليت جي چئن سيٽن بعد پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو تعداد 179 ٿي ويو آهي. مسلم ليگ ن عام چونڊن ۾ پنجاب اسيمبلي جي 129 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي، هڪ آزاد ميمبر ساڻس شامل ٿيو، عورتن جي 30 ۽ چئن اقليتي سيٽون ملڻ بعد ن ليگ جي ميمبرن جو تعداد 164 ٿي ويو آهي. مسلم ليگ ق 7 جنرل سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي هڪ آزاد ميمبر شامل ٿيڻ بعد ميمبرن جو تعداد 8 ٿي ويو آهي، عورتن جون 2 سيٽون ملڻ بعد سندن تعداد 10 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ پ پ 6 جنرل سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ هڪ سيٽ بعد سندن ميمبرن جو تعداد 7 ٿي ويو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close