انٽرنيشنل

سعودي عرب ۾ حج جي ادائيگي دنيا مان لکين پانڌيئڙا مڪي پاڪ کان منيٰ روانا

رياض (م ڊ) سعودي عرب ۾ حج جي ادائيگي لاءِ پوري دنيا مان لکين پانڌيئڙن جي مڪي پاڪ کان منيٰ روانگي شروع ٿي وئي جتي دنيا جي سڀ کان وڏي خيما بستي آباد ٿيندي .هلندڙ سال 20 لک کان وڌيڪ پانڌيئڙا حج ادا ڪري رهيا آهن جن ۾ هڪ لک 84 هزار پاڪستاني پانڌيئڙا به شامل آهن. 8 ذوالحج کان حج پانڌيئڙن جي مڪي پاڪ کان منيٰ روانگي شروع ٿي وئي، منيٰ ۾ رهڻ کانپوءِ پانڌيئڙا سڀاڻي صبح يعني 9 ذوالحج تي عرفات جي ميدان روانا ٿيندا ۽ حج جو اهم رڪن وقوف عرفا ادا ڪندا. وقوف عرفه جي دوران مسجد نمرا ۾ حج جو خطبو ٿيندو جيڪو هن ڀيري مسجد نبوي جو امام شيخ حسن بن عبدالعزيز آل الشيخ ڏيندو پوءِ ظهر ۽ عصر جي نظام گڏ ادا ڪئي ويندي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close