سنڌ جون خبروننڪور خبرون

معيشت ۾ وڌيڪ حصو سنڌ صوبو ڏيندو آهي، جائز حق ڏنا وڃن: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قومي مالياتي ڪميشن ۾ سنڌ کي ان جو جائز حصو ملڻ گهرجي، قومي معيشت ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو سنڌ ڏيندو آهي. ڪابينا سان گڏ قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته منهنجي ڪابينا تجربي ڪار آهي، وفاق سنڌ کي حق ڏنا ته ان جي هر قدم کي سپورٽ ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته احتساب ٿيڻ گهرجي پر سياسي انتقام جي نالي تي نه، سنڌ جي عوام پ پ جي ڀروسو ڪيو، الله پاڪ اسان کي سنڌ جي خدمت ڪرڻ جي همت ڏئي، اسان پاڻي ۽ آبادگارن جا مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close