رانديون

مون کي پاڪستان ۾ تمام گهڻي عزت ملي: نوجوت سنگهه سڌو

لاهور (م ڊ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ سياستدان نوجوت سنگهه سڌو پاڻ تي ڀارت ۾ ٿيندڙ تنقيد کي رد ڪندي چيو آهي ته مون کي پاڪستان ۾ تمام گهڻي عزت ملي آهي. وزيراعظم عمران خان جي قسم کڻڻ جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان پهتل نوجوت سنگهه سڌو لاهور مان واهگا رستي واپس پنهنجي ڏيهه روانو ٿي ويو آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ فيصل جاويد ۽ عبدالحميد پوٺي کيس الوداع ڪيو. لاهور ۾ سڌو پنجاب جي نامزد گورنر چوڌري محمد سرور سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي پاڪ ڀارت لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون. سڌو ڀارت ۾ مٿس تنقيد تنقيد کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته هتان عزت ۽ پيار کڻي واپس وڃي رهيو آهيان، پير سان مالا مال محسوس ڪري رهيو آهيان. نوجوت سنگهه سڌو چيو ته پاڪستانين جيڪا محبت ڏني اها سموري حياتي ياد رهندي. هن چيو ته ريگستان جي مٽيءَ تي پوندڙ برسات کانپوءِ ايندڙ خوشبو اچڻ سٺو سنئون آهي، سٺي شروعات ڪري وڃي رهيو آهيان. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ ميچ ٿيڻ گهرجي جنهن تي نوجوت سنگهه سڌو چيو ته ڀارت وڃي پاڪ ڀارت ميچ لاءِ آئيڊيا پيش ڪندس ۽ پي ايس ايل ۽ آءِ پي ايل جي ونرز وچ ۾ ميچ سٺو خيال آهي، فائونڊيشن بڻائي ان اميد سان وڃي رهيو آهيان ته ڪو ان تي عمارت ٺاهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close