پاڪستاننڪور خبرون

پ پ جو صدارتي چونڊن ۾ پنهنجو اميدوار بيهارڻ جو فيصلو، اعتزاز احسن اميدوار نامزد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ صدارتي چونڊن ۾ پنهنجو اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پارٽي قيادت اعتزاز احسن کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري اعتزاز احسن کي صدارتي اميدوار نامزد ڪيو آهي جڏهن ته خورشيد شاهه کي مسلم ليگ ن ۽ ٻين اتحادين سان رابطن جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.  ذريعن موجب خورشيد شاهه، شيري رحمان ۽ قمر زمان ڪائره ٻين سياسي پارٽين سان ملاقاتون ڪندا. ٻئي طرف تحريڪ انصاف طرفان ڊاڪٽر عارف علوي کي صدارتي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي. صدر ممنون حسين جو مدو 8 سيپٽمبر تي پورو ٿي رهيو آهي، نئين صدر جي چونڊ لاءِ 4 سيپٽمبر تي پولنگ ٿيندي. اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن موجب صدارت جي عهدي لاءِ نامزدگي ڪاغذ 27 آگسٽ کان ڏينهن جو 12 وڳي تائين جمع ٿي سگهندا جنهن جي جاچ پڙتال 29 آگسٽ تي صبح 10 وڳي ٿيندي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close