انٽرنيشنلنڪور خبرون

اسلام جي اصل تصوير سٺا عمل، اعليٰ اخلاق ۽ بهترين ورتاءُ آهي: امام ڪعبه

مڪو (مانيٽرنگ) مسجد نبوي جي امام شيخ حسين بن عبدالعزيز آل الشيخ چيو آهي ته اسلام جي اصل تصوير سٺا عمل، اعليٰ اخلاق ۽ بهترين ورتاءُ آهي، رسول ڪريم صه ٻين کي الله جي برابر آڻي بيهارڻ جي مذمت ڪئي. مسجد نمرا ۾ حج جو خطبو ڏيندي شيخ حسين بن عبدالعزيز آل الشيخ چيو ته الله تعاليٰ زمين ۽ آسمان جو خالق آهي، رب پاڪ انسانذات لاءِ آسمان کي ڇت ۽ زمين کي فرش بڻايو. سندس چوڻ هو ته مسلمان تقويٰ اختيار ڪن، الله تعاليٰ تقويٰ اختيار ڪندڙن کي پسند ڪندو آهي، تقويٰ جو رستو اختيار ڪندڙ ڪامياب ٿيندا. ڪعبي جي امام چيو ته الله تعالي جي عبادت ۾ ڪنهن کي به شريڪ نه ڪيو، ٻين کي شريڪ ڪندڙن جو انجام خراب ٿيندو، سمورن نبين به الله جي وحدانيت جي تعليم ڏني. هن چيو ته هر حال ۾ الله تعاليٰ تي ڀروسو ۽ توڪل ڪرڻ گهرجي، الله جي وحدانيت جي شاهدي فرشتن پڻ ڏني آهي، اسلام ۽ دين جي عظمت جو بنياد توحيد آهي، جن ايمان آندو، اهي آخرت ۾ ڪامياب ٿيندا. شيخ حسين بن عبدالعزيز آل الشيخ چيو ته مسلمانن کي حڪم آهي ته الله ۽ ان جي رسول جي اطاعت ڪن، اسلام معافي ۽ درگذر کان ڪم وٺڻ تي زور ڏنو، بي ايماني ڪندڙن کي سخت عذاب جي تنبيهه ڪئي. هن چيو ته الله تعاليٰ نماز قائم ڪرڻ سان گڏ ذڪوات ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو، زڪوات ڏيندا ڪريو، ان ۾ گهٽتائي نه ڪيو. شيخ حسين بن عبدالعزيز آل الشيخ چيو آهي ته اسلام ظلم ۽ زيادتي کي سختي سان ناپسند ڪري ٿو، ڪنهن سان به ظلم ۽ زيادتي نه ڪيو، والدين ۽ پاڙيسرين سان سٺو سلوڪ ڪيو، ڪنهن سان به دوکو نه ڪيو، دوکو ڏيڻ ۽ ٻين جي شين تي قبضو ڪرڻ دوزخ ۾ وٺي ويندو. هن چيو ته الله پاڪ گلا، وياج خوري ۽ جاسوسي کان به روڪيو آهي، جوا به حرام آهي، سٺن ڪمن ۾ هڪٻئي سان سهڪار ڪيو، فيصلا انصاف جي بنياد تي ڪيا وڃن. هن چيو ته شيطان غلط رستي ڏانهن وٺي ويندو آهي، اسلام روڪيندو آهي، اسلام محبت ۽ شفقت جو درس ڏئي ٿو، الله جو حڪم آهي ته مون سان محبت ڪريو ٿا ته رسول جي به اطاعت ڪريو. شيخ حسين بن عبدالعزيز آل الشيخ چيو ته الله تعاليٰ تور ۾ گهٽ وڌائي کان به روڪيو آهي، امانت ۾ خيانت نه ڪيو، خيرات ڪندا رهو، بي ايماني ڪندڙ سخت سزا ڀوڳيندا، الله غرور ۽ تڪبر کي به پسند نٿو ڪري.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close