سنڌ جون خبروننڪور خبرون

امن امان هنن جي پهرين ترجيح آهي، پاڻي سميت ٻين مسئلن تي ڌيان ڏنو ويندو: مراد علي شاهه

لاڙڪاڻو/نئون ديرو (نمائندن وٽان)  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي جائز حقن لاءِ وفاق سان سهڪار ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان جي تقرير ۾ ساڳيون ئي ڳالهيون هيون جيڪي جلسن ۾ ڪندو رهيو آهي .وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪابينا ميمبرن سيد سردار شاھ، سعيد غني، شھلا رضا، محمد بخش مهر ۽ ٻين سان  گڏجي شھيدن کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ ڳڙھي خدابخش ڀٽو پهتو. وڏي وزير ۽ ڪابينا جي ميمبرن شھيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙھي فاتحه خواني ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته کين سنڌ جي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي، صوبي جي جائز حقن لاءِ وفاق سان سهڪار ڪيو ويندو.هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي تقرير ۾ ساڳيون ئي ڳالهيون هيون جيڪي جلسن ۾ ڪندو رهيو آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم عمران خان کي جلسن واري موڊ مان ڪڍي سياسي موڊ ۾ آڻڻو پوندو، عمران خان نئون وزيراعظم آهي جلد سِکي ويندو.وڏي وزير چيو ته عوام کي عمران خان مان تمام گھڻيون اميدون آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته امن امان هنن جي اولين ترجيح آهي، پاڻي ۽ ٻين مسئلن تي ڌيان ڏنو ويندو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close