پاڪستاننڪور خبرون

عمران خان جي 16 رڪني ڪابينا قسم کڻي ڪم شروع ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي 16 رڪني ڪابينا قسم کڻي ورتو.ايوان صدر اسلام آباد ۾ صدر ممنون حسين 16 رڪني ڪابينا کي قسم کڻايو  ، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان به موجود هو.قسم کڻندڙن ۾ شاهه محمود قريشي، اسد عمر، پرويز خٽڪ، شيرين مزاري، فروغ نسيم، خالد مقبول صديقي، شيخ رشيد، زبيدا جلال، فواد چوڌري، غلام سرور خان، طارق بشير چيما، فهميدا مرزا، شفقت محمود، عامر ڪياني مولانا نور الحق قادري ۽ خسرو بختيار شامل هو.وفاقي ڪابينا ۾ شامل فروغ نسيم کي قانون ۽ انصاف واري وزارت، اسد عمر کي ناڻي واري وزارت، پرويز خٽڪ کي دفاع واري وزارت، شاهه محمود قريشي کي پرڏيهي وزارت، شيخ رشيد ريلوي واري وزارت، فواد چوڌري کي سڌسماءَ ۽ غلام سرور خان کي پيٽروليم ڊويزن واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي.اهڙي ريت بشير چيما کي رياستي معاملن واري وزارت سيفران، نور الحق قادري کي مذهبي معاملن واري وزارت، خالد مقبول صديقي کي انفارميشن ٽيڪنالوجي اينڊ ڪميونيڪيشن، شفقت محمود کي فيڊرل ايجوڪيشن اينڊ پروفيشنل ٽريننگ نيشنل هسٽري، زبيدا جلال کي دفاعي پيدوار واري وزارت، شيرين مزاري کي انساني حقن جو قلمدان ڏنو ويو آهي.عمران خان جي ڪابينا ۾ 5 صلاحڪار به شامل آهن جن ۾ محمد شهزاد ارباب کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، عبدالرزاق دائود کي ڪامرس، ٽيڪسٽائل، انڊسٽري پراڊڪشن ۽ انويسٽمينٽ، ڊاڪٽر عشرت حسين کي ادارا جاتي سڌارا، امين اسلم کي موسمياتي تبديلي ۽ بابر اعواڻ کي پارلياماني معاملن جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close