سنڌ جون خبروننڪور خبرون

عيدالضحيٰ: ٽرانسپورٽرز ڀاڙن ۾ ٽيڻ تي واڌ ڪري ڇڏي، سنڌ سرڪار ڪو ايڪشن نه ورتو

ڪراچي (رپورٽر) عيدالضحيٰ جي موقعي تي ٽرانسپورٽرز ڀاڙن ۾ ٽيڻ تي واڌ ڪري ڇڏي، ڪراچي سوڌو ٻين شهرن ڏانهن پنهنجي پيارن سان عيد ملهائڻ لاءِ ويندڙ غريب پورهيت سخت پريشان آهن.ڪراچي کان سکر، لاڙڪاڻي، شڪارپور، جيڪب آباد، نوابشاهه، ميرپور خاص، مٺي، دادو، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن ڏانهن پنهنجي پيارن سان عيد ملهائڻ لاءِ ويندڙن کان 14 سئو رپين کان ٻه هزار رپيا ورتا پيا وڃن.عام ڏينهن ۾  انهن شهرن ڏانهن وڃڻ جو ڪرايو 600 يا 700 رپيا آهي، جڏهن ته مسافرن جي دانهن باوجود موٽروي پوليس سوڌو ٽرانسپورٽ کاتي جي اختيارين ڪو به نوٽيس ناهي ورتو.ٻئي پاسي ٽريفڪ پوليس اهلڪار مسافر ڪوچن وارن کي عيد جي خرچي بهاني هزارين رپيا اوڳاڙي رهيا آهن.ٽرانسپورٽرن جو چوڻ آهي ته هو ڪراچي کان ته سواري کڻي اچن ٿا ۽ پر واپسي ۾ کين خالي وڃڻو پوي ٿو جنهن ڪري هو ٻيڻ تي ڀاڙو وصول ڪن ٿا.پنهنجي پيارن سان عيد ملهائڻ لاءِ ويندڙ ماڻهن مطالبو ڪيو آهي ته ٽرانسپورٽرز جي هڪ هٽي ختم ڪري عام ڏينهن واري ڪرائي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close