پاڪستاننڪور خبرون

نادرا کي سمنڊ پار پاڪستانين جي 15 سيپٽمبر تائين رجسٽريشن ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊ ۾ ووٽنگ لاءِ نادرا کي سمنڊ پار پاڪستانين جي 15 سيپٽمبر تائين رجسٽريشن ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ سيڪريٽري بابر يعقوب جي صدارت هيٺ ننڍي چونڊ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ووٽنگ تي اجلاس ٿيو جنهن ۾ نادرا اختيارين به شرڪت ڪئي.اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب نادرا کي سمورن سمنڊ پار پاڪستانين جي 15 سيپٽمبر تائين رجسٽريشن ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي پلاننگ ڪئي وئي آهي، رجسٽرڊ ووٽرز آڪٽوبر جي ننڍي چونڊ ۾ ووٽ وجهي سگهندا.واضح رهي ته سپريم ڪورٽ سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جو حق تسليم ڪندي کين ننڍي چونڊ ۾ ووٽ وجهڻ بابت حڪم جاري ڪيو هو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close