پاڪستاننڪور خبرون

پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ گهرو سيڪريٽريءَ ايندڙ ٻڌڻي تي طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ۾ عدالت گهرو سيڪريٽريءَ کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ٻڌڻي 27 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت جي جسٽس ياور علي جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ ڪئي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته پرويز مشرف ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ تي ڇو پيش نه ٿيو آهي؟ پرويز مشرف جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي حياتي کي خطرو آهي، صدر سطح جي سڪيورٽي ڏني وڃي ته مشرف پيش ٿي ويندو. عدالت گهرو سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي هدايت ڪئي ته گهرو سيڪريٽري ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي وضاحت ڪري. ان موقعي تي عدالت پراسيڪيوٽر اڪرم شيخ جي رويي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏيندي چيو ته اڪرم شيخ کي ڪيس ڇڏڻو آهي ته درخواست ڇو نه ڏني وئي آهي، اڪرم شيخ سينئر وڪيل آهي ته کيس ته خبر هئڻ گهرجي ۽ گهرو وزارت کي لکيل خط عدالت کي ڇو نه ڏنو ويو آهي. دهشتگردي جي خاتمي واري عدلت ڪيس جي ٻڌڻي 27 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close