Uncategorized

پرڏيهي پاليسي کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آ، پر پاڪستان جو مفاد سڀ کان مقدم آهي: شاهه محمود

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نئين پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پرڏيهي پاليسي کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر پاڪستان جو مفاد سڀ کان مقدم آهي، گذريل حڪومت ۾ ڪافي عرصي تائين پرڏيهي وزير نه هجڻ ڪري ملڪ کي نقصان پهتو، هـُو ملڪ کي عالمي اڪيلائي مان ڪڍڻ ۽ چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن، افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ڀارت سان ڳالهين جي ضرورت آهي.ايوان صدر ۾ عهدي جو قسم کڻڻ کانپوءِ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پرڏيهي آفيس پهتو، جتي هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته ڪجهه قوتون ملڪ کي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن جنهن ڪري پرڏيهي وزير موجود نه هو ۽ پرڏيهي وزير نه هجڻ ڪري ملڪ کي نقصان پهتو. پرڏيهي وزير چيو ته پرڏيهي پاليسي پاڪستان کان شروع ۽ پاڪستان تي ئي ختم ٿيندي، ان تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، هــُو ملڪ کي عالمي اڪيلائي مان ڪڍڻ ۽ چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته ڪوشش ڪئي ويندي ته پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۾ واڌ ٿي، ان ڪري پهريان اسان کي پنهنجين ترجيحن جو تعين ڪرڻو پوندو. پرڏيهي وزير چيو ته مستقبل ۾ ڪجهه ملڪن سان رابطا ڪيا ويندا ۽ 6 ملڪن سان پاڪستان جا پرڏيهي معاملا تمام گهڻي اهميت رکن ٿا، هــُو افغانستان جي پرڏيهي وزير سان رابطو ڪري ڪابل دورو جي خواهش رکندو ۽ اثرائتو پيغام کڻي وڃڻ چاهي ٿو. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۽ پاڪستان کي هڪ ٻئي جي ضرورت آهي،هــُو پنهنجي سوچ ۽ ارادا افعان قيادت تائين  پهچائيندو.پرڏيهي وزير چيو ته ڀارتي وزيراعظم  نريندر مودي وزيراعظم عمران خان کي مبارڪباد جو خط اماڻيو جنهن ۾ ڳالهين جو اشارو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ڀارت طرفان ڏاڍو سٺو رويو آهي، پاڪستان ۽ ڀارت پاڙيسري هجڻ سان گڏ ائٽمي قوتون به آهن، ڀارت سان تسلسل سان ڳالهين جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جو مفاد سڀ کان مقدم آهي، اسان حقيقتون تسليم ڪرڻيون پونديون، هــُو چاهين يا نه چاهين، ڪشمير هڪ مسئلو آهي، جنهن کي ٻنهي ملڪن تسليم ڪيو ۽ اعتراف به ڪن ٿا. شاهه محمود قريشي مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو ته عوام جي چونڊيل حڪومت کي عوام جي خواهشن موجب هلايو ويندو، حنا رباني کر ۽ خواجا آصف سان به صلاح مشورا ڪيا ويندا. پرڏيهي وزير اعلان ڪيو ته گذريل حڪومت جا سياسي بنيادن تي لڳايل سفير ڪم جاري رکن پر  هــُو انهن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندو، پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا اُن ڏس ۾ سندس رهنمائي ڪندي. آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ايندڙ مهيني اسلام آباد جو دورو ڪندو، جنهن دوران امڪاني طور تي سندس وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ٿيندي.انٽرنيشنل ميڊيا رپورٽن موجب مائيڪ پومپيو ڀارت ويندي 5 سيپٽمبر تي پاڪستان ايندو.رپورٽن موجب  مائيڪ پومپيو عمران خان سان ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.مائيڪ پومپيو پهريون پرڏيهي عهديدار آهي جيڪو نئين چونڊيل وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪندو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close