سنڌ جون خبروننڪور خبرون

ڄامشورو ويجهو خوفناڪ روڊ حادثو، 4 انسانيون جانيون ضايع، 2 ڄڻا زخمي

ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشورو ويجهو خوفناڪ حادثي جو هڪ وڌيڪ زخمي اسپتال ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويٺو، فوتين جو انگ وڌي چار ٿي ويو آهي.علي آباد انڊس هاءِ وي تي وين ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ دادو واسي اسلم چانڊيو، لاڙڪاڻي واسي محمد مٺل گاڏهي ۽ هڪ اڻڄاتل شخص سچوڌو چار ڄڻا فوت ٿي ويا.حادثي ۾ محمد ايوب، اظهر علي، جواد، شاهنواز، سانوڻ، غلام نبي، ذوالفقار ۽ اسد علي سميت 20 مسافر زخمي ٿي پيا. امدادي ٽيمون ۽ پوليس واقعي واري هنڌن پهچي فوتين جي لاشن ۽ زخمين سيوهڻ ۽ ڄامشوري جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close