پاڪستاننڪور خبرون

اڳوڻو صدر ڀيڻ سميت ايف آءِ اي آڏو پيش، بيان قلمبند، مني لانڊرنگ جو ڪيس حقيقي ناهي: آصف علي زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جعلي اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي اڳيان پيش ٿي بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر  چوٿون ڀيرو طلب ڪرڻ تي ايف آءِ اي اڳيان پيش ٿيا. ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي نجف مرزا ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کان آڏي پڇا ڪئي. 35 منٽن تائين آڏي پڇا دوران مختلف سوال ڪيا ويا. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته منهنجي خلاف ڪيس نواز شريف جي دور ۾ ٺهيا ۽ هن ئي ڪيس ٺاهيا. اڳوڻي صدر کان سوال ڪيو ويو ته ڪيسن ذريعي توهان کي ڪنٽرول ڪيو ويندو ته اڳوڻي صدر مسڪرائيندي ڪو به جواب نه ڏنو. بيان قلمبند ڪرائڻ دوران اڳوڻي صدر ڪيترن ئي سوالن جا جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو ۽ 35 منٽن تائين سوالن جا جواب ڏيڻ بعد ايف آءِ اي جي آفيس مان روانو ٿي ويو.  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي جي ڪيس ۾ مني لانڊرنگ جو الزام ناهي. هن چيو ته ايف آءِ اي کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڱاري ڏهاڙي سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻي آهي، ٻئي پاسي پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته منهنجي خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس اصل ناهي، بدقسمتي آهي ته هي ڪيس نواز شريف جي حڪومت ۾ ٺاهيو ويو. ايف آءِ اي ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته مون تي مني لانڊرنگ جو ڪيس حقيقي ناهي. هڪ صحافي سوال ڪيو ته  هاڻي ته ميان صاحب به ڪيس ڀوڳي رهيو آهي جنهن جي جواب ۾ آصف زرداري جواب ڏنو ته ايئن ته ٿيندو آهي اهڙي قسم جي ڪمن ۾.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close