پاڪستاننڪور خبرون

بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ڪم شروع ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (م ڊ) بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. بچاءَ واري وزارت جي ترجمان مطابق بچاءَ واري وزارت جي سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل (ر) اڪرام الحق بچاءَ واري وزارت پهچڻ تي وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي بچاءَ واري وزارت جي اعليٰ عملدارن جي تعارف لاءِ تعارفي اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ڪئي. اجلاس ۾ پرويز خٽڪ کي وزارت جي معاملن بابت تفصيلي بريفنگ به ڏني وئي. ان موقعي تي پرويز خٽڪ چيو ته وسيلن ۽ دفاعي ساز سامان بابت ملڪ جي هٿياربند فوج کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو ته جيئن ملڪي دفاع وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close