پاڪستاننڪور خبرون

جيڪڏهن مخالف ڌر جا 2 اميدوار بيٺا ته تحريڪ انصاف کي فائدو ٿيندو: اعتزاز احسن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ جي سينئر اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته پرويز رشيد باشعور آهي، آهستي ڳالهائيندو آهي، اميد نه هئي ته منهنجي صدارتي اميدوار ٿيڻ تي اعتراض ڪندو. صدارتي اميدوار لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري اعتزاز احسن چيو ته مخالف ڌر جي ٻين پارٽين پاران اعتراض ڪيو ويو آهي ته پ پ منهنجو نالو مشوري کانسواءِ ڏنو آهي، جڏهن ته پ پ جي اجلاس ۾ منهنجي نالي تي اتفاق ٿيو جنهن ۾ مان شامل نه هيس، پ پ ٻين پارٽين سان مشاورت کان اڳ منهنجو نالو نه ڏنو هو، مان 1964ع کان سياست ۾ آهيان، ايوب خان خلاف مظاهري ۾ گرفتار ٿيس، قربانيون ڏيڻ پ پ جي سڃاڻپ رهي آهي. هن چيو ته مون کي پرويز رشيد جي روش جاگيرداڻي لڳي، جيتوڻيڪ سندس اعتراضن جو جواب مسلم ليگ ن جي ڪيترن ئي اڳواڻن ڏنو آهي، ن ليگ جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اها پرويز رشيد جي ذاتي راءِ آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close