سنڌ جون خبروننڪور خبرون

سنڌ ۾ زراعت، تعليم ۽ صحت کي تباهه ڪيو ويو: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (ڊ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ ۾ زراعت، تعليم ۽ صحت کي تباهه ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ 10 سالن کان مافيا جو راڄ آهي. وفاق سنڌ سان بجلي، گئس ۽ پاڻي جي سلسلي ۾ زيادتيون بند ڪري. بجلي جا غير قانوني واڌو بل ختم ڪيا وڃن. زراعت جي بحالي لاءِ پيڪيج ڏنو وڃي. ترقياتي منصوبا شروع ڪيا وڃن. صدارتي اليڪشن بابت جي ڊي اي ۾ مشاورت ٿي رهي آهي. سنڌ جي خوشحالي سان جمهوريت جو مستقبل جڙيل آهي. هن اهڙو اظهار بي 48 پرنس ٽائون حيدرآباد ۾ شهرين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته وڏين دعوائن بدران پي ٽي آءِ کي شفاف روڊ ميپ ڏيڻو پوندو. مسئلا وڏن اعلانن سان نه پر عمل سان حل ٿيندا. سنڌ پندرنهن سالن کان شديد احساس محرومي جو شڪار آهي. هن چيو ته جيڪا حڪومت هاري کي ماني نٿي ڏئي سگهي، اها تعليم ۽ گهر ڪيئن ڏيندي. سنڌ جي غربت ۽ پسماندگي جو وفاق کي احساس ٿيڻ گهرجي. ترقي جي عمل ۾ سنڌ جي شرڪت کانسواءِ نتيجا ممڪن ناهن. پاڪستان امن، جمهوريت، برابري ۽ رواداري سان ترقي ڪندو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن، انهن کي نظرانداز ڪرڻ سان دهشتگردن کي طاقت ملندي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close