پاڪستاننڪور خبرون

عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملاقات ۾ ملڪي سلامتي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته ملڪي مسئلن تي به غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام جو عزم ورجايو ۽ خطي ۾ هلندڙ امن ڪوششن جو ورجاءُ ڪيو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه وزيراعظم عمران خان کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close