پاڪستاننڪور خبرون

مخالف ڌر گڏيل صدارتي اميدوار آڻڻ ۾ ناڪام، اعتزاز، عارف علوي ۽ فضل الرحمان جا ڪاغذ جمع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدارتي چونڊن ۾ مخالف ڌر باضابطا طور ورهائجي وئي آهي، پ پ طرفان چوڌري اعتزاز احسن ۽ مسلم ليگ ن ۽ ٻين مخالف ڌر جي پارٽين مولانا فضل الرحمان کي صدارتي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي.  پ پ کانسواءِ سمورين مخالف ڌر جي پارٽين مولانا فضل الرحمان کي اپوزيشن اتحاد جو گڏيل اميدوار نامزد ڪيو آهي. جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. پ پ طرفان چوڌري اعتزاز احسن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. شيري رحمان، خورشيد شاهه، قمر زمان ۽ ٻين اڳواڻن پڻ چوڌري اعتزاز احسن سان گڏجي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان عارف علوي صدارتي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close