پاڪستاننڪور خبرون

مقصد الائنس برقرار رکڻ آهي، پ پ جي بيڪ آئوٽ سان اتحاد کي ڌڪ لڳو: شهباز شريف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدارتي چونڊ لاءِ پ پ جي يوٽرن بعد صدارتي اميدوار آڻڻ ۾ ناڪامي تي مخالف ڌر جي پارٽين پ پ تي تنقيد ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مير حاصل خان بزنجي چيو ته مضبوط مخالف ڌر لاءِ اسان سڀ گڏ ويٺا هئاسين، پهريون مرحلو آيو ته فيصلو ٿيو ته وزيراعظم جو اميدوار مسلم ليگ ن جو هوندو، فيصلو ٿيو ته وزيراعظم جو اميدوار مسلم ليگ ن، اسپيڪر پ پ ۽ ڊپٽي اسپيڪر ايم ايم اي جو هوندو. هن چيو ته وزيراعظم لاءِ شهباز شريف جو نالو به پ پ ڏنو هو، شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن سينيٽ چيئرمين وٺڻ چاهين ٿا ته هو تيار آهن، ڇو ته اسان جو مقصد الائنس برقرار رکڻ آهي پر پ پ جهڙي نموني بيڪ آئوٽ ڪيو تنهن سان اتحاد کي ڌڪ لڳو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان هاڻي به ڪوشش ڪنداسين ته پ پ جون منٿون ڪيون، فضل الرحمان کي چونداسين ته هو آصف زرداري کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. مسلم ليگ ن اڳواڻ احسن اقبال چيو ته گڏيل صدارتي اميدوار لاءِ پ پ سان معاملا طئي نه ٿي سگهيا، رات دير تائين گڏيل اميدوار لاءِ ڪوششون ڪيون،  اميد آهي ته پ پ مخالف ڌر جو ووٽ ورهائجڻ کان بچائيندي. هن چيو ته پ پ پ پهريون چيو ته ٽن اميدوارن جو پئنل ڏينداسين،  هنن پئنل جو نالو نه ڏنو پر اعتزاز تي ئي اٽڪيل رهيا. جي يو آءِ ف جي مولانا غفور عبدالغفور حيدري چيو ته مسلسل رابطن باوجود پ پ اڃا تائين اتحاد جو حصو نه ٿي آهي، پ پ وٽ وينداسين ۽ درخواست ڪنداسين ته هو مخالف ڌر جي ورهاڱي جو سبب نه بڻجي، اسان کٽڻ جي پوزيشن ۾ آهيون شرط آهي ته پ پ ساٿ ڏي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close