پاڪستاننڪور خبرون

نواز شريف خلاف نيب ريفرنسز ۾ احتساب عدالت ۾ پيش، ٻڌڻي اڄ وري ٿيندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت نمبر 2 جي جج محمد ارشد ملڪ اڳوڻي وزيراعظم خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي. ٻنهي ريفرنسز ۾ نامزد جوابدار نواز شريف کي سخت سڪيورٽي ۾ عدالت اندر آندو ويو. سندس وڪيل جي سپريم ڪورٽ ۾ مصروفيت سبب جج هڪ ڪلاڪ جو وقفو ڪيو. ان موقعي تي نواز شريف جي خواهش تي ليگي اڳواڻ ناصر بٽ هن لاءِ چانهن آندي جنهن لاءِ هو ليگي اڳواڻن سان گڏ اسٽاف روم ويو جتي ويهڻ جي مناسب جاءِ نه ملڻ سبب اڳوڻو وزيراعظم واپس عدالت جي ڪمري طرف مڙي ويو. عدالتي ڪمري ۾ پهچڻ تي نواز شريف پنهنجي وڪيل سان ڳالهايو ۽ وڪيل کيس آگاهه ڪيو ته عدالت جي ڪمري ۾ چانهن پيئڻ جي اجازت ناهي جنهن سبب هو چانهه نه پي سگهيو. وقفي کانپوءِ ٻيهر عدالت لڳي ته نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث ۽ جي آءِ ٽي سربراهه نيب جي شاهد واجد ضياءَ کان آڏي پڇا ڪئي. واجد ضياءَ ان موقعي تي ٻڌايو ته مشوري بعد جي آءِ ٽي طئي ڪيو ته جوابدارن جي شاهدن کي اڳواٽ سوالنامو نه موڪليو ويندو جنهن تي نواز شريف جي وڪيل سوال ڪيو ته ڇا توهان ان فيصلي کي جي آءِ ٽي جي رپورٽ سان منسلڪ ڪيو آهي جنهن تي هن چيو ته ايئن ناهي. واجد ضياءَ چيو ته قطري شهزادي جي خط تي مشوري کانپوءِ اسان ڪنهن راءِ تي نه پهچي سگهياسين ته هاڻي دوحا وڃڻو آهي يا نه وڃڻو آهي، قطري شرطن ۽ دوحا وڃڻ جو معاملو سپريم ڪورٽ جي عملدرآمد بئنچ سامهون رکيو ۽ 2 آپشنز رکيا ته اسان دوحا وڃون ئي نه ۽ ٻيو آپشن هو ته اسان دوحا وڃو پر سوالنامو پهريون موڪليو وڃي. احتساب عدالت نواز شريف خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪندي جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ کي ٻيهر طلب ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته نواز شريف کي به پيش ڪيو وڃي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close