پاڪستاننڪور خبرون

پي ٽي آءِ واضح اڪثريت سان صدارتي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي: عارف علوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي نامزد صدارتي اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پي ٽي آءِ واضح اڪثريت سان صدارتي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي، اپوزيشن پنهنجي اميدوار جو هٿ کڻائي ڇڏي. نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن جن جي جاچ پڙتال اربع تي ٿيندي. هن چيو ته ٻين سياسي پارٽين کي پي ٽي آءِ جي اميدوار جي حق ۾ پنهنجو اميدوار دستبردار ڪرائي خيرسگالي جو اظهار ڪرڻ گهرجي ها پر انهن ائين نه ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن هو صدر چونڊجي ويو ته هو ڪراچيءَ سان تعلق رکندڙ ملڪ جو ٻيو صدر هوندو ۽ اهو ان جي صوبي لاءِ به اعزاز آهي. هن چيو ته مان هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان پنهنجي ملڪ سان محبت ڪريان ٿو ۽ پنهنجي عمل سان اهو ثابت ڪندس. هن چيو ته صدر چونڊجڻ کانپوءِ هو پاڻي، تعليم، صحت ۽ وڻڪاريءَ تي خاص توجهه ڏيندو. هن چيو ته اڳوڻين حڪومتن عوام جا مسئلا حل ڪرڻ تي توجهه نه ڏنو. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته سڀئي سياسي پارٽيون ملڪ ۽ عوام کي درپيش اهم معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close