سنڌ جون خبروننڪور خبرون

ڪرپشن جي ڪري سنڌ جي عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي: حليم عادل شيخ

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻ صوبائي اسيمبلي ميمبر حليم عادل شيخ سان سنڌ جي مختلف ضلعن جي پي ٽي آءِ اڳواڻن عادل هائوس ڪراچي تي ملاقاتون ڪيون ۽ سنڌ ۾ پي ٽي آءِ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ خيالن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال صوبو آهي، سنڌ ۾ گذريل ڪيئي سالن کان ڪرپشن جو راڄ هجڻ ڪري سنڌ جي عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي. هن چيو ته ٿرپارڪر ۽ اڇڙو ٿر ۾ معصوم ٻارڙا بک ۽ اڃ وگهي مري رهيا آهن، جنهن جي ذميوار حڪومت آهي، پر افسوس جي ڳالهه آهي سنڌ جي صحت جي وزير عذرا پيچوهو ٻارڙن جي موت جو ذميوار والدين کي بڻائي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ جا ذرخير ٻيلا به تباهه ڪيا ويا آهن ٻيلن جي زمينن تي حڪمران ڌر جا ماڻهو قابض بڻيل آهن. هن چيو ته اسان سنڌ کي ترقي ڏيارڻ سان گڏ عوام کي بنيادي سهولتون ڏيارڻ چاهيون هاڻي سخت اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري ڪرپشن کي روڪينداسين، سموريون نوڪريون ميرٽ تي ڏيارينداسين. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپٽ حڪمرانن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، انور مجيد جهڙن ٻين ڪيترن جو جيل وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر عارف علوي پي ٽي آءِ جو سينيئر اڳواڻ آهي، پاڻ هميشه سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي، صدارتي چونڊن ۾ ڊاڪٽر عارف علوي جي ڪاميابي يقيني آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close