پاڪستاننڪور خبرون

آصف زرداري جي اثاثن جا تفصيل طلب، ڪنهن کي ڪجهه لڪائڻ نه ڏينداسين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اين آر او ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ آصف علي زرداري جي 10 سالن جي ملڪيتن جا تفصيل ۽ ڏيهي توڙي پرڏيهي بينڪ کاتن جا تفصيل گهـُري ورتا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ اين آر او ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ آصف زرداري جا وڪيل پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت پرويز مشرف جا پاڪستان ۾ موجود ملڪيتن جا تفصيل طلب ڪيا، جنهن تي پرويز مشرف جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته عدالت کان ڪجهه به نه لڪايو ويندو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالت اوهان کي ڪجهه لڪائڻ به نه ڏيندي، پرويز مشرف پنهنجي گهر واريءَ جي ملڪيتن جا تفصيل به 10 ڏينهن ۾ جمع ڪرائي، ٻــُڌو آهي ته پرويز مشرف کي سعودي عرب مان سوکڙيون مليون ؟ اڳوڻي صدر جي وڪيل ٻڌايو ته مشرف جي هڪ اڪائونٽ ۾ 92 هزار درهم آهن ، وٽس جيپ ۽ مرسڊيز سوڌو 3 گاڏيون آهن. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا پرويز مشرف سڄي زندگي جي پگهار مان به فليٽ وٺي سگهي پيو ؟ هــُن ڱي چئو ته عدالت اچي پاڻ وضاحت ڪري. پرويز مشرف جي وڪيل  عدالت کي ٻڌايو ته سندس اصيل جا پرڏيهي اثاثا صدارت ڇڏڻ کانپوءِ جا آهن، جنهن تي جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته ڇا ليڪچر ڏيڻ مان ايترا پئسا ملندا آهن ؟ ڇو نه هــُو به ريٽائرمينٽ کانپوءِ ليڪچر ڏي. ٻڌڻي دوران عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري طرفان ملڪيتن بابت جمع ڪرايل حلفي بيان تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ۽ سندس 2007 کانپوءِ جي ملڪيتن جا تفصيل طلب ڪيا. ان موقعي تي آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته آصف زرداري 9 سال جيل ۾ رهيو ڪجهه ثابت نه ٿيو. چيف جسٽس ، فاروق ايڇ نائيڪ کان سوال ڪيو ته ڇا آصف زرداري جو سوئزرلينڊ ۾ اڪائونٽ هو ؟ جسٽس ثاقب نثار چيو ته آصف زرداري حلفي بيان ۾ ٻڌائي هن ڪا ٽرسٽ ٺاهي آهي يا نه ؟ هــُو ٻاهر ويندو هوندو سندس سار سنڀال سندس دوست ڪندا هوندا. عدالت اڳوڻن صدر پرويز مشرف ۽ آصف علي زرداري جي 10 سالن جي ملڪيتن ۽ ڏيهي توڙي پرڏيهي بينڪ کاتن جا تفصيل به طلب ڪيا. عدالت حڪم ڏنو ته تفصيلي حلفي بيان 15 ڏينهن ۾ داخل ڪيو وڃي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close